ميرپورخاص واقعو، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سميت ٽيم معطل

سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ميرپورخاص واقعي ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سميت پوري ٽيم کي معطل ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته جيستائين اُهي پاڻ کي بيگناهه ثابت نه ڪندا تيستائين بحال نه ٿيندا. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ميرپورخاص ويجهو ڊاڪٽر شاهنواز جي مارجڻ واري واقعي ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد سونهاري جسڪاڻي، ايس ايس پي ميرپورخاص محمد اسد علي چوڌري ۽ ايس ايڇ او سنڌڙي سميت سي آءِ اي ٽيم ميرپورخاص کي معطل ڪيو ويو آهي. گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار مارجڻ بابت مختلف ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پوليس چئي ٿي ته مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، جڏهن ته ماڻهن جو چوڻ آهي قانون کان مٿانهون قتل ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، واقعي بابت جاچ مڪمل ٿيڻ تائين پوليس عملدار معطل رهندا. سنڌ جي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جَي تحفظ جيءَ پوليس ذميوار آهي، اُن ذميواري کان پاڻ کي آجو نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو الزام آهي ته اُهو قانون ۽ عدالتون ثابت ڪنديون، اسان کي جج ناهي ٿيڻو. گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته ملڪ جي آئين ۽ قانون سازي ۾ پيپلزپارٽي قيادت جو اهم ڪردار رهيو آهي، قانون جي حڪمراني تي يقين رکون ٿا، پوليس آفيسرن کي ڪو اختيار ناهي جو ڪنهن جي خلاف بنا ثبوت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

خبرون