صدر جي صحيح بعد پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو ٿي ويو

صدر آصف علي زرداري جي صحيح بعد سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو ٿي ويو. قانون واري وزارت گذريل ڏينهن آرڊيننس وزيراعظم ۽ ڪابينا کي موڪليو هو. وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس جي سرڪيوليشن سمري ذريعي منظوري ڏني. ڪابينا طرفان منظوري بعد صدر آصف علي زرداري جي صحيح بعد آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري جي صحيح بعد سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو ٿي ويو. آرڊيننس موجب چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ جو هڪ سينيئر جج ۽ چيف جسٽس طرفان مقرر ڪيل هڪ جج ڪيس مقرر ڪندو. ان کان اڳ چيف جسٽس ۽ ٻه سينيئر ججن تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ ڪيسن مقرر ڪندي هئي. آرڊيننس موجب بينچ عوامي اهميت ۽ بنيادي انساني حقن کي نظر ۾ رکندي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، هر ڪيس کي پنهنجي واري تي ٻڌو ويندو. ترميمي آرڊيننس موجب هر ڪيس ۽ اپيل رڪارڊ ڪئي ويندي ۽ ان جو ٽرانسڪرپٽ تيار ڪيو ويندو، جيڪي عوام جي به پهچ ۾ هوندا.

خبرون