ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف 9 مئي جي ڪيسن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل ظهور الحسن طرفان علي امين گنڊاپور حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي وئي . جنهن تي پراسيڪيوٽر راجا نويد چيو ته عدالت جوابدار جو رويو ڏسي مسلسل ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي . جج طاهر عباس سپرا رمارڪس ڏنا ته گذريل ڀيري حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني هئي، 8 تاريخ تي جلسي ۾ طبعيت ٺيڪ هئي. جنهن تي وڪيل ظهور الحسن چيو ته عدالت اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري، مان يقين ڏياريان ٿو ته علي امين پيش ٿيندو. جج طاهر عباس سپرا جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي علي امين گنڊاپور، واثق قيوم عباسي، راجا راشد حفيظ ۽ عامر محمود ڪياني جا به ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ان کانسواءِ عدالت عمر تنوير بٽ کي مسلسل غير حاضري تي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف آءِ نائين ٿاڻي ۾ دهشتگرديءَ جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو .

خبرون