ڪراچي: بجلي في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ بجلي في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪي اليڪٽرڪ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي کي بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 51 پئسا واڌ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. نيپرا ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ واڌ بابت ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تي ٿيندي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست جي منظوري سان واهپيدارن تي 100 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو. نيپرا طرفان ڪي اليڪٽرڪ جو جولاءِ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو اچڻو آهي، ڪي اليڪٽرڪ به جولاءِ جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ 3 رپيا 9 پئسا في يونٽ مهانگو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

خبرون