بلاول ڀٽو زرداري سان ڊپٽي وزيراعظم  اسحاق ڊار جي  ملاقات

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڊپٽي وزيراعظم ۽ سينيٽر اسحاق ڊار ملاقات ڪئي، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ تجويز ڪيل آئيني ترميمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خورشيد شاهه ۽ نويد قمر به موجود هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل رات مولانا فضل الرحمان سان ملاقات تي اتحادي اڳواڻن کي اعتماد ۾ ورتو. ذريعن موجب ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ نمبر گيم تي مشاورت جاري آهي. ان کان اڳ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ نويد قمر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پ پ چيئرمين کي اسپيڪر آفيس ۾ ٿيل ملاقات تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ اسيمبلي ۾ پيش ٿيندڙ ترميمي بل تي به غور ڪيو ويو.

خبرون