آصفه ڀٽو زرداري،يوٽيلٽي اسٽور بند ڪرڻ وارو معاملو قومي اسيمبلي ۾ اٿاري ڇڏيو

پ پ ايم اين آصفه ڀٽو زرداري، يوٽيلٽي اسٽور بند ڪرڻ وارو معاملو قومي اسيمبلي ۾ اٿاري ڇڏيو. آصفه ڀٽو زرداري، يوٽيلٽي اسٽور بند ڪرڻ بابت ڌيان شڪايو نوٽيس پيش ڪيو. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته يوٽيلٽي اسٽور بند ٿيڻ سان 25 هزار ماڻهو بيروزگارٿيندا. وفاقي وزير رانا تنوير سوال جو جواب ڏيندي چيو ته يوٽيلٽي اسٽور بند نه پيا ڪيا وڃن، ري اسٽرڪچرنگ ڪئي پئي وڃي. پ پ ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته هو وفاقي وزير جي بيان جي آجيان ڪريان ٿي. ان کان اڳ اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري جي صدارت ھيٺ پ پ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو پ پ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ آئيني ترميم سميت ٻين معاملن تي ڳالھيون ڪيون ويون .

خبرون