تعليم کاتي اڳي ڪهڙا ڦاڙها ماريا جو هاڻي ماريندو: سردار شاهه

سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه اعتراف ڪندي چيو آهي ته تعليم کاتي اڳي ڪهڙا ڦاڙها ماريا جو هاڻي ماريندو،ڊائريڪٽرز ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرز وائسراءِ بڻجي ويا آهن. ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران اسڪولن کي ايڊاپٽ ڪندڙن جي مان ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن کان ۽ ڊائريڪٽرن جي ڪارڪردگي مان مايوس ٿي چڪو آهيان. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ ڇا ٿيندو هو اهو آئون نٿو ڄاڻن چاهيان،اسان آفيسرن کي جبري طور مقرر ناهي ڪيو سڀ پنهنجي مرضي سان مقرر ٿيا آهن. هن چيو ته 40 هزار 9 سئو 72 اسڪولن مان 319 اسڪول ايڊاپٽ ٿيا آهن،اسان کي پنهنجي پنهنجي ذميواري کي نڀائڻ گهرجي. سردار شاهه وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪوشش ڪرڻي پوندي ته وڌ کان وڌ اسڪول ايڊاپٽ ٿين. هن چيو ته مونکي چون ٿا نازيبا ٻولي ڳالهايان ٿو، آئون چوندس ته وڏن ماڻهن وانگر مونکي اٿڻ ويهڻ نٿو اچي، جاهل ٿر جو ماڻهون آهيان پر هتي اچي پهتو آهيان. سندس چوڻ هو ته آئون آرٽيفيشل انٽيليجنس بدران نيچرل انٽيليجنس تي زور ڏيڻ چاهيان ٿو . هن چيو ته آئون پولٽري نه پر ديسي چوزن مان آهيان، محرومي تخليق جي ماءُ هوندي آهي، اسيمبلي ۾ به مون ڪئي ڀيرا ڳالھ ڪئي ته اسڪولن کي ايڊاپٽ توهان کي ڪرڻو پوندو،ليجسليٽر کي مون چيو ته ٽي اسڪول ايڊاپٽ ڪيو پنهنجو حصو ملايو سردار شاهه وڌيڪ چيو ته ٻه ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ته اسان 77 سالن ۾ ڇا ڪيو آهي ، جگجيت جو شعر ياد اچي ٿو ته تم جو چلي جائوگي تو ڪيا ويا ڪيا پايا. هن چيو ته اعتراف ڪرڻ خوبصورت عمل آهي پر پڇتاءُ خطرناڪ آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب جا 80 يا 90 لک ڪي پي جا 25 کان 30 لک ٻار ۽ ملڪ جا چاليهھ سيڪڙو ٻار پئسا ڏئي تعليم حاصل ڪن ٿا، جيڪو ائين جي آرٽيڪل 25A جي ڀڃڪڙي آهي هن جو چوڻ هو ته مونکي فون اچن ٿا ته مهنجي ٻار کي فلاڻي اڪيڊمي ۾ داخلا ڪرايو ،ووڪل ڪلاس جا ٻار پئسا ڏئي اسڪول پڙهن ٿا پر عام ٻارن جو ڪهڙو حال آهي؟ ننگرپارڪر کان اٻاوڙو تائين ڇا حال آهي انهن جو ڪو ڌڻي سائين آهي؟ سردار شاهه چيو ته جنهن اسڪول ۾ آئون پڙهيو آهيان ان جي ڊي او ڇهه مهينن کان وزٽ ناهي ڪئي . سيڪريٽري تعليم زاهد علي عباسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پهريون صوبو آهي جنهن اسڪول ايڊاپٽيشن واري پاليسي اختيار ڪئي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ 40 هزار اسڪول آهن،پڙهيل لکيل ماڻهن جي مدد سان اسڪولن جا ننڍا وڏا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا،برساتن ۽ ٻين سببب جي ڪري متاثر ٿيل اسڪولن جي بحالي لاءِ ڪميونٽي کي اڳتي اچڻو پوندو پروگرام ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي باني مرحومه ڊاڪٽر انيتا غلام علي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سنڌ جي ٽيهن ضلعن ۾ 319 اسڪول ايڊاپٽ ڪيا ويا جن ۾ هڪ لک 24 هزار 576 شاگرد شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿا. تقريب کي قاضي ڪبير خطاب ڪندي چيو ته اڄڪلهه پاڪستان ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ٿيل آهي ان موقعي تي اسان سوچيو ته اسڪولن کي ايڊاپٽ ڪندڙ شخصيتن لاءِ پروگرام ڪوٺايون.

خبرون