اسانکي امن، ڀائيچاري ۽ ڀائپي جي ثقافت کي هٿي  ڏيڻي پوندي: صدر/وزيراعظم

هن چيو ته اسرائيل غزه ۾ هزارين ماڻهن جو قتل عام ڪري فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. آصف علي زرداري چيو ته مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن جي موقعي تي حڪومت ۽ عوام پرامن دنيا جي قيام جي لاءِ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اڄ جي دنيا ڪيترن ئي تڪرارن سبب ورهايل آهي، اسان کي گهرجي ته قومن ۾ اختلاف ختم ڪري امن لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪريون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڳالهين ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ تي پختو يقين رکي ٿو، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پراڻن تڪرارن کي حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڄمون ۽ والاريل ڪشمير جو تڪرار هن خطي ۾ هڪ ڊگهو مسئلو آهي، جنهن جو پائيدار حل غيرجانبدار ريفرنڊم ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد تي ٻڌل آهي. محمد شهباز شريف چيو ته اڄ فلسطين جي معصوم عوام جي حالت کي نظرانداز نه ڪيو وڃي،وچ اوڀر ۾ امن لاءِ گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ فلسطينين جي خواهشن مطابق تڪرار جو پرامن حل وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن جي فروغ جي اهميت کي تسليم ڪري ٿو ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

خبرون