ميرپورخاص واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي: سردار شاهه

صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جو چوڻ آهي ته ماڻهو تحفظ لاءِ پوليس ڏانهن ويندو آهي پر جيڪڏهن پوليس هٿان ئي اُهو ماريو وڃي ته ان کان وڌيڪ لاقانونيت يا جهنگ جو قانون ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز مذهبي گهراڻي سان واسطو رکندو هو، هن پنهنجي پئسن مان والدين کي حج به ڪرايو، پر 2020ع کان اهي رپورٽس آيون ته هوُ نفسياتي بيماري جو علاج وٺي رهيو هو، هن جي فيس بوڪ آئي ڊي شاهنواز شاهه جي نالي سان هئي، جڏهن ته ذات جو ڪنڀار هو. سردار شاهه چيو ته شاهنواز شاهه واري آئي ڊي تان گستاخي واريون پوسٽون اچڻ بعد ڊاڪٽر شاهنواز فيس بوڪ تي وڊيو پيغام وسيلي ٻڌايو ته سندس آئي ڊي هيڪ ٿي وئي آهي، ڪو ٻيو سندس آئي ڊي هلائي رهيو آهي، هن ڪراچي جي هوٽل ۾ رهائش جو پورو ڏَس پَتو ڏنو. صوبائي وزير چيو ته اهڙين پوسٽن کانپوءِ جڏهن عمرڪوٽ ۾ ماڻهو گڏ ٿيا ۽ حراس ٿيڻ لڳو ته هن ايس پي عمرڪوٽ کي هدايت ڪئي ته ڊاڪٽر شاهنواز کي فوري طور گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻئي ڏينهن خبر ٻڌڻ ۾ آئي ته عمرڪوٽ پوليس ڊاڪٽر شاهنواز کي کڻي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ ميرپورخاص پوليس هٿان مارجي ويو، ڄاڻايو اهو ويو ته هي ڪنهن دوست سان گڏ هو ۽ دوست جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو. سيد سردار شاهه چيو ته عمرڪوٽ ۾ خاص ڪري هندو برادري ۾ وڏو خوف پکڙيل آهي. ائين نه ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن جي سوچ يا چوڻ تي بنا تصديق جي ڪنهن کي ماري ڇڏجي، ڇا سڀاڻي ڪنهن جي آئي ڊي هيڪ ٿيئي يا ڪو ذهني مريض هوندو ته اُن کي ماري ڇڏبو ؟.

خبرون