پي ٽي آءِ چاهي ٿي نه پارليامينٽ هلي ۽ نه عدالتي نظام: بلاول ڀٽو زرداري

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف چاهي ٿي ته نه پارليامينٽ هلي ۽ نه عدالتي نظام، آئيني عدالتون جوڙڻ جو پي ٽي آءِ بانيءَ سان ڪو به واسطو نه آهي. اسلام آباد ۾ ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي ذات کانسواءِ به سوچڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران آئيني ترميمن جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئين سازيءَ ۾ جي يو آءِ جو سدائين هاڪاري ڪردار رهيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته پوءِ به نمبرز پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، عدالتي سڌارا تمام ضروري آهن، اهو ڪم گهڻو اڳ ٿيڻ گهربو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماضي دوران به ملڪ ۾ هر صدر توڙي وزيراعظم عدالتي سڌارن جي ڳالهه ڪئي، عدالتي سڌارن سان عوام کي فوري انصاف جي فراهمي ٿيندي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري پئي.

خبرون