ڪراچي: صنعت ۽ واپار واري کاتي ۾ بي ضابطگيون جو انڪشاف

سنڌ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي، صنعت ۽ واپار واري کاتي ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ جي بي ضابطگيون جي انڪشاف بعد جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران صنعت ۽ واپار واري کاتي ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ جي بي ضابطگيون جو انڪشاف ٿيو. آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب، اڍائي ارب رپين کان وڌيڪ جا ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن، سوئي گئس جون لائينون پڻ نه لڳايون ويون. آڊٽ رپورٽ موجب، ايم ڊي سائيٽ 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا پلاٽ الاٽ ڪيا ، جنهن جي رقم به جمع نه ڪئي وئي آهي. پي اي سي، ايم ڊي سوئي سدرن گيس ڪمپني کي طلب ڪندي، جاچ لاءِ سيڪريٽري صنعت جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي . نثار کهري جو چوحڻ هو ته پلاٽن جا مڪمل تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيا وڃن. پي اي سي چيئرمين، ترقياتي مسئلن ۽ سوئي گيس لائينن تي ڪميٽي قائم ڪندي چيو ته سڀني انڊسٽريز جي وريفڪيشن ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. نثارکهڙي جو چوڻ هو ته 5 ورهين تائين انڊسٽريز کاتو پي اي سي کي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي.

خبرون