پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ سان ڪيسز ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي: عطا تارڙ

اطلاعات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته صدر، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، ترميمي آرڊيننس سان ڪيسز ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته وزير اعظم اڄ چين جي روھي گروپ جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته روھي گروپ پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائل پارڪ قائم ڪندو، جنهن سان 5 لک ماڻھن کي روزگار ملندو. وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته ٽيڪسٽائل پارڪ سان ٽيڪسٽائل شعبي ۾ ترقي ٿيندي، روھي گروپ 7 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري رھيو آھي. هن چيو ته هڪ سئو کان وڌيڪ چيني ڪمپنيون پارڪ ۾ پنهنجا يونٽس لڳائينديون. وفاقي وزيو عطا الله تارڙ چيو ته صدر سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، آرڊيننس سان ڪيسز ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي، ڪابينا سرڪيوليشن سمري ذريعي اڳ ئي منظوري ڏني ھئي.

خبرون