وزيراعظم طرفان ايف بي آر جي منصوبن جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت

وزيراعظم شهباز شريف، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي سمورن منصوبن جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايف بي آر معاملن بابت اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايف بي آر ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جي اهم معاشي سڌارن ۾ هڪ قدم آهي. هن چيو ته آمدني ۾ بهتري سان عوام کي خدمتن جي فراهمي ۽ سماجي شعبي ۾ بهتري ايندي، ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم ايف بي آر جي تبديلي واري منصوبي جي واکاڻ ڪندي ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

خبرون