وڏي وزير سان چين جي قونصل جنرل يانگ يونڊونگ جي ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه سان چين جي قونصل جنرل يانگ يونڊونگ جي ملاقات، سي پيڪ جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته حيدرآباد سکر موٽر وي سي پيڪ پراجيڪٽ ۾ شامل ڪرائڻ چاهيون ٿا، اهو سنڌ جو اهم منصوبو آهي، وڏي وزير ڪي سي آر منصوبي کي به سي پيڪ منصوبن ۾ منظوري بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، چيني قونصل جنرل وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته چيني اختياريون انهن منصوبن تي غور ڪري رهيون آهن، چيني قونصل جنرل وڏي وزير سيد مراد علي شاه کي پنهنجي قومي ڏينهن جي پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني.

خبرون