بائيڊن پاران دهشتگردي خلاف پاڪستان جي سهڪار جي واکاڻ

آمريڪي صدر جو بائيڊن دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سهڪار جي واکاڻ ڪئي آهي. عالمي خبرو اداري موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن سان پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ ملاقات ڪري جي سفارتي سند وصول ڪئي. آمريڪي صدر جو بائيڊن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو عالمي ۽ علائقائي سلامتي توڙي استحڪام کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. صدر جوبائيڊن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪندي پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ اهم قرار ڏنو. آمريڪي صدر، دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته ٻئي ملڪ ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهن. صدر جو بائيڊن چيو ته ٻئي ملڪ ماحولياتي تبديلي، علائقائي سلامتي جي خطرن ۽ صحت جي عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد آهن.

خبرون