اسرائيل ريڊ لائين پار ڪري جنگ جو اعلان ڪيو آهي: حسن نصرالله

حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله چيو آهي ته اسرائيل ريڊ لائين پار ڪري جنگ جو اعلان ڪيو آهي. لبنان ۾ پيجرز حملن جي لهر کانپوءِ وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي پهرين عوامي خطاب ۾ حسن نصرالله چيو ته دشمن انهن حملن ذريعي سموريون حدون، اصول ۽ ريڊ لائين پار ڪري جنگ جو اعلان ڪيو آهي. پيجر ڌماڪي کي قتل عام قرار ڏيندي حسن نصرالله چيو ته اسرائيل هڪ منٽ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي مارڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. هن چيو ته هو ڌماڪن جي جاچ ڪري رهيا آهن، جن جي نتيجي ۾ کين ڌڪ رسيو آهي پر حزب الله جي مواصلاتي صلاحيتون برقرار آهن. حسن نصرالله وڌيڪ چيو ته جيستائين غزه ۾ جنگبندي نه ٿيندي تيستائين اسرائيل تي حملا جاري رهندا ۽ اتر اسرائيل جي رهواسين جيڪي تشدد سبب بي گهر ٿيا آهن انهن کي واپس وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

خبرون