اسرائيلي جنگي جهازن جا ڏکڻ لبنان ۾ وڏا حملا

اسرائيلي جنگي جهازن ڏکڻ لبنان ۾ وڏو حملو ڪيو آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته جنگي جهازن ٻن ڪلاڪن جي عرصي دوران ڏکڻ لبنان ۾ سوين راڪيٽ لانچر بيرل کي نشانو بڻايو، جن کي فوري طور تي اسرائيل تي فائر ڪرڻا هئا. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته هڪ سفارتي حل ضروري آهي، برطانيه اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ترت جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرين جين پيئر هڪ بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا امڪاني ڇڪتاڻ ۾ واڌ سبب فڪرمند آهي. هن هفتي جي شروعات ۾ لبنان ۽ حزب الله طرفان اسرائيل تي حملا ڪيا ويا هئا، جن بعد لبنان ۾ حزب الله جي ريڊيو ۽ پيجرز کي ڌماڪن سان اڏايو ويو، جنهن ۾ 37 ماڻهو مارجي ۽ 3 هزار زخمي ٿيا هئا. لبنان جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب ڏکڻ لبنان ۾ 52 کان وڌيڪ حملا ڪيا ويا. ٽن لبناني سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۾ شروع ڪيل حملا سڀ کان وڏا هئا، جن جي نتيجي ۾ جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

خبرون