اميتاڀ  بچن ڪهڙي غلطي تي مداحن کان معافي گهري؟

بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو جيترو عظيم اداڪار آهي، اوترو ئي عظيم انسان پڻ آهي، غلطيون هر ماڻهوءَ کان ٿينديون آهن پر عظيم انسان اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي غلطيءَ کي تسليم ڪري ۽ جيڪڏهن ضرورت هجي ته معافي وٺڻ کان به انڪار نه ڪري.ڀارتي ميڊيا موجب اميتاڀ بچن ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو ۾ مراٺي لفظ جوغلط تلفظ ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن کان معافي گهري ورتي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ بگ بي پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو روڊن تي گند ڪچرو نه اڇلائڻ جو واعدو ڪندي نظر آيو. وڊيو ۾ هن مراٺي زبان ۾ چيو ته ”مان ڪچرا ڪرڻ نه“ يعني مان ڪچرو نه اُڇلائيندس. ان وڊيو کي سوشل ميڊيا تي لکين لائيڪس ۽ ويوز مليا پر بعد ۾ اميتاڀ کي ان وڊيو ۾ پنهنجي غلط تلفظ جو احساس ٿيو.جنهن تي هن انسٽاگرام تي هڪ نئين وڊيو شيئر ڪئي ۽ پنهنجي غلطيءَ کي درست ڪيو. وڊيو ۾ اميتاڀ بچن جو چوڻ هو ته مون تازو هڪ وڊيو ٺاهي هئي، جنهن ۾ مون مراٺيءَ ۾ لفظ ’ڪچرو‘غلط اچاريوهو. منهنجي دوست سديش ڀونسلي مون کي ٻڌايو ته مون اهو لفظ غلط اچاريو آهي. تنهنڪري مون هاڻي اهو لفظ سکيو آهي ۽ درست نموني اچارسان ٻيهر وڊيو ٺاهي رهيو آهيان.


خبرون