سمورا ٺيڪا ميرٽ تي ڏنا ويندا، ڪنهن جي سفارش کي قبول نه ڪبي: ميئر ڪراچي

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي کي مستقبل ۾ فنڊن جي کوٽ نه ٿيندي. ڪراچي ۾ انجنيئرنگ کاتي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته سمورن ضلعن ۾ تعمير ۽ مرمت جي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. هن چيو ته ماڻهن جون تڪليفون ختم ڪرڻ ئي مسئلن جو حل آهي. سندس چوڻ هو ته ڪي ايم سي جي سمورن روڊن ۽ انڊر پاسز جي اسٽريٽ لائيٽس کي بنا دير درست ڪري روشن ڪيو وڃي. ميئر ڪراچي چيو ته ڪراچي جي پارڪن، چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ۾ بهتري آئي آهي، تفريح جا نوان موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سمورا ٺيڪا ميرٽ تي ڏنا ويندا، ڪنهن سفارش کي قبول نه ڪيو ويندو .

خبرون