شاهنواز جي قتل ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص،ايس ايس پي ۽ايس ايڇ او سنڌڙي  قتل ۾ ملوث آهن: مقتول جي امڙ / نياڻي

سنڌڙي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ماءُ ۽ ڌيءُ مطالبو ڪيو آهي ته قتل ۾ ملوث ڊي آءِ جي ۽ ٻين پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڪيس داخل ڪري کين جيل اماڻيو وڃي . ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ماءُ ۽ ڌيءُ پاران جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ الزام مڙهيو آهي ته ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي، ايس پي عمرڪوٽ ۽ ايس ايڇ او سنڌڙي قتل ۾ ملوث آهن. هنن چيو ته پوليس آفيسرن ڪوڙي مقابلي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪيو آهي انهن مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شاهنواز جي نياڻي جو چوڻ آهي ته هوءَ جوابدارن کي نه ڇڏيندي، عدالت ۾ انهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو . ڊاڪٽر شاهنواز جي امڙ چيو ته شاھنواز توھين رسالت نٿو ڪري سگھي ھو ديندار انسان ھو ھميشه دين اسلام جي پيروي ڪندو ھو. والده جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي آئي ڊي ھيڪ ڪئي وئي ۽ کيس وضاحت جو موقعو نه ڏنو ويو پوليس عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو آهي ، جانچ ڪرائي ملوثن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي . ڊاڪٽر شاهنواز جي امڙ ۽ نياڻي چيو ته جيڪو ماڻهو پنج وقت نماز پڙهي اهو توهين نه ٿو ڪري سگهي .

خبرون