پر امن معاشري جي تخليق لاءِ ھر سطح تي گڏيل احترام ڏيڻ ضروري آهي : بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته امن، انصاف ۽ جمھوريت جي اصولن تي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ جو عھد ڪيون ٿا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي امن ڏھاڙي جي حوالي سان پيغام جاري ڪندي چيو ته امن صرف تڪرار جو خاتمو ناھي پر انصاف، مساوات ۽ انساني حقن جو احترام به آھي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي ھن سال جي عالمي امن ڏھاڙو جي ٿيم امن جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ جي حمايت ڪيان ٿو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پر امن معاشري جي تخليق لاءِ ھر سطح تي گڏيل احترام ۽ ھمدردي کي ھٿي ڏيڻ ضروري آھي. هن چيو ته پاڪستان امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏنو آھي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ھميشه امن، مفاھمت جي علمبردار رھي آھي.

خبرون