اسان جلسو ڪندڙن جي دعوت ڪنداسين :عظميٰ بخاري

پنجاب جي سينيئر صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته وزير اعليٰ مريم نواز جي ھدايت آھي ته ڪٿي به ڪوبه روڊ بند نه ٿيندو. پنجاب جي سينيئر صوبائي وزير عظميٰ بخاري لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي درخواستون اڪلائي ڇڏيون ھنيون. عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارن انتظاميا کي درخواست نه ڏني ھئي، اسان جلسو ڪندڙن جي دعوت ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيا آھن. سينيئر صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي گاڏين ۾ ھٿيار به موجود آھن، جڏهن ته علي امين گنڊاپور ڪي پي مان ڏنڊا برادر ماڻھو وٺي اچي رھيو آھي. عظميٰ بخاري چيو ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي صوبي جي ملازمن کي جلسي ۾ آڻي رھيا آھن.

خبرون