محمد اورنگزيب، سڄي دنيا جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي ترقي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، سڄي دنيا جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي ترقي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، هارورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پاڪستاني معيشت ۾ بهتري کي اجاگر ڪيو، محمد اورنگزيب پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي جي راهه جو خاڪو پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان هڪ اهم موڙ تي پهچي چڪو آهي جتي معيشت بحالي ۽ تبديلي جي راهه تي گامزن آهي، اسان هڪ اهڙي معيشت سنڀالي جيڪا ڏکيائين جو شڪار هئي