سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سکر جي ميئر بئريسٽر ارسلان شيخ پاران وڪيل برادري ۽ سول سوسائٽي کان ڌرڻا ختم ڪرڻ جي اپيل
سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سکر جي ميئر بئريسٽر ارسلان شيخ پاران وڪيل برادري ۽ سول سوسائٽي کان ڌرڻا ختم ڪرڻ جي اپيل، سندس چوڻ آهي ته هن وقت نه صرف پاڪستان جو واپار متاثر ٿي رهيو آهي پر ملڪي معيشت کي به خطرا آهن، چوپايو مال رستن ۾ ڦاٿل آهي انهن جي حياتين کي خطرو آهي، هر قسم جو واپار رڪيل آهي، اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اتفاق راءِ کانسواءِ ڪئنال نه ٺهندا، پ پ ۽ سنڌ حڪومت هر فورم تي واضح طور چئي چڪي آهي ته هي منصوبو ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي، وڪيل برادري کان اپيل آهي ته ڌرڻا ختم ڪيا وڃن ۽ اچو گڏجي پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪريون