سنڌ حڪومت جي درخواست تي وزيراعظم سي سي آءِ اجلاس اڄ سڏائي ورتو: شرجيل انعام ميمڻ
سنڌ حڪومت جي درخواست تي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس اڄ ئي طلب ڪري ورتو ، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سي سي آءِ جو اجلاس ٻه مئي تي ٿيڻو ھو، سنڌ حڪومت جي گذارش تي اڄ ئي ٿي رھيو آھي. وزير اعظم جي صدارت ھيٺ اجلاس اڄ شام اسلام آباد ۾ ٿيندو، سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪينالن جي معاملي جو فيصلو ٿي ويندو، سنڌ طرفان وڏو وزير سيد مراد علي شاھه سي سي آءِ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعظم جي ڳالھين تحت فيصلو ٿيندو ۽ ڪينالن جو مسئلو ختم ٿي ويندو