سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، ٻن سڳن ڀائرن سميت 4 ڄڻا فوت، 12 کان وڌيڪ زخمي
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، ٻن سڳن ڀائرن سميت 4 ڄڻا فوت، 12 کان وڌيڪ زخمي، ٺٽي ڀرسان ڳاڙهو باءِ پاس تي حادثو، 2 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا، ڳاڙهو باءِ پاس تي الطاف ۽ مهتاب ڪڙمون مٿان ٽرڪ چڙهي وئي، فوتي ڀائرن جو تعلق ڳوٺ پيران پير ٻگهاڻ سان هو ، فوتي ڀائرن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ ڇانيل، مقصودو رند ڀرسان ڄاڃين سان ڀريل ڊاٽسن ڪلٽي، 10 ڄڻا زخمي، حادثو نوابشاهه شهدادپور روڊ تي ڳوٺ ٻاجهي رند وٽ پيش آيو، حادثي جو شڪار ماڻهن جو تعلق جکرا برادري سان آهي، جيڪب آباد ۾ چنگچي رڪشا ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي، صدر ٿاڻي جي حد شاهه غازي چوڪي ڀرسان حادثو پيش آيو، فوتي جي سڃاڻپ بازو فقير جت نالي سان ٿي، ڄامشوري ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ پيرسن پورهيت فوت ٿي ويو، واپڊا ڪالوني وٽ حيدرآباد واسي پورهيت احسان شيخ کي ڪار ٽڪر هنيو جنهن ۾ پورهيت دم ڏئي ڇڏيو