تازه ترين
ڇوڪريءَ جو ڀاڳ، 25 ماڙ عمارت تان ڪرڻ کان معجزاڻي طور بچي وئي

چين ۾ هڪ ڇوڪري معجزاڻي طور هڪ گهڻ ماڙ عمارت تان هيٺ ڪرڻ کان بچي وئي. چين جي هيبي صوبي جي شهر تانگشان ۾، هڪ 9 ورهين جي ڇوڪري 25هين ماڙ تان ڪري پئي.ڇوڪري ان وقت پنهنجي گهر ۾ اڪيلي هئي ۽ چيني ميڊيا سندس نالو ظاهر نه ڪيو. ڇوڪري گهر جي دري کولي هئي، پر بدقسمتي سان دري جو ڍانچو ڍلو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ هيٺ ڪري پئي. ڇوڪري 18هين ماڙ هيٺ پليٽ فارم تي ڪري پئي. حادثي وقت ڇوڪري جي ماءُ پنهنجي آفيس ۾ هئي ۽ سندس مڙس کيس فون ڪري ٻڌايو ته ڌيءَ گهر مان غائب آهي. ماءُ چيو، "منهنجي ڌيءَ گهر ۾ پنهنجو اسڪول جو ڪم ڪري رهي هئي، پر جڏهن منهنجو مڙس گهر پهتو ۽ هن کي رات جي ماني لاءِ سڏيو، ته هن ڪو به جواب نه ڏنو." هن وڌيڪ چيو، "منهنجي مڙس ٽي ڀيرا دريءَ مان ٻاهر ڏٺو ۽ زمين تي ڪجهه به نه ڏٺو." ماءُ ۽ پيءُ کي ڇوڪري بابت تڏهن خبر پئي جڏهن عمارت جي انچارج هڪ شخص فون ڪري ٻڌايو ته ڇوڪري ستين ماڙ جي فرش تي ڪري پئي آهي. نينگريءَ جي ماءُ جي هڪ عورت ساٿي موجب، ستين ماڙ جي هڪ رهواسي ڪرڻ جو آواز ٻڌو ۽ هو ٻاهر ويو ته کيس ڇوڪري ڪريل حالت ۾ ملي. جنهن کانپوءِ هن عمارت جي انتظاميه کي فون ڪيو. ڪِرڻ کان پوءِ، ڇوڪري اُٿي ۽ ڪجهه وکون اڳتي کنيائين، جنهنڪري پيءُ کيس هيٺ نه ڏسي سگهيو، پوءِ ٻيهر ليٽي پيو. ڇوڪري جي ماءُ چيو ته جڏهن اسان هن کي ڳولي لڌو ته کيس اسڪول يونيفارم پهريل هو، سندس وات ۽ ڪنن مان رت وهي رهيو هو، سندس اکيون سڄل هيون، پر هوءَ هوش ۾ هئي. هن چيو ته اسان ڊڄي ويا هئاسين ۽ جڏهن ڌيءَ اسان کي ڏٺو ته هن چيو، "مون کي بچايو." علائقي جي سڀني اسپتالن ڇوڪري جي حالت ڏسڻ کانپوءِ علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري سندس والدين فوري طور کيس بيجنگ وٺي ويا. بيجنگ جي ٻارن جي اسپتال جي ڊاڪٽرن ڇوڪري جو معائنو ڪيو ۽ حيران ٿي ويا ته ايتري اوچائي تان ڪرڻ کان پوءِ به کيس گهڻو نقصان نه پهتو هو. سندس صرف هٿ جون هڏيون ٽٽل هيون ۽ ڪجهه ٻيون هڏيون متاثر ٿيون هيون، پر سندس دماغ صحيح سلامت هو. ڇوڪريءَ جا اسپتال ۾ ڪيترائي آپريشن ٿيا ۽ 10 ڏينهن کان پوءِ کيس فارغ ڪيو ويو ۽ هاڻي اسڪول جي امتحانن جي تياري ڪري رهي آهي.


خبرون