تازه ترين
تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ڌرڻا جاري

تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ڌرڻا جاري، ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ 11 ڏينهن کان لڳل ڌرڻي سبب سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ گڊز ٽرانسپورٽ مڪمل طور بند، چوپايو مال،کاڌي پيتي جي شين سميت ٻئي سامان سان ڀريل ٽرڪون، ٽرالر ۽ ٻيون گاڏيون ڦاٿل،چوپايو مال مرڻ لڳو ۽ کاڌي پيتي جون شيون خراب ٿيڻ لڳيون، ٽرانسپورٽرز ۽ واپاري اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين اربين روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، حڪومت وڪيلن سان ڳالهيون ڪري رستا کولرائي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي، ڪنٽينرز ۽ ٽرالرز ۾ پيل سبزيون ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون خراب ٿي چڪيون آهن جيڪڏهن رستا نه کليا ته مارڪيٽ ۽ گودامن ۾ پيل سامان به خراب ٿي ويندو

خبرون