تازه ترين
تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري

تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري، سياسي، سماجي، مذهبي جماعتن، اديبن، مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ڌرين جي قافلن جي صورت ۾ شرڪت، ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽان ڪينال سمورا نامنظور جي نعرن جي گونج، وفاق سنڌو درياهه کي پائيپ لائين جيان وهائڻ چاهي ٿو، سنڌو کي پائيپ لائين ٿيڻ نه ڏينداسين، حملن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، جيستائين وفاق ڪينالن وارو منصوبو واپس نه وٺندو تيستائين گهر نه وينداسين، اڄ گڏجاڻي بعد ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ويندي:ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ جو خطاب، ڌرڻي سبب پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ گذريل چئن ڏينهن کان بند، سامان سان ڀريل هزارين گاڏيون قومي شاهراهه تي بيٺل

خبرون