تازه ترين
تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا جاري، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان روڊ بند، گاڏين جون قطارون لڳل

تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ٽئين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري، سياسي سماجي ۽ مذهبي پارٽين جي ڪارڪنن، آبادگارن، هارين، استادن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي وڏي انگ ۾ شرڪت، پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ٽن ڏينهن کان معطل، وڪيلن ڪينال منصوبي کي رد ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ريلوي ٽريڪس بند ڪرڻ جو به چتاءُ، وفاقي سرڪار کي 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون ته تڪراري ڪينالن جو منصوبو واپس وٺڻ جو اعلان ڪري، نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته سومر تي شام 5 وڳي کان ريلوي ٽريڪس به بند ڪيا ويندا: ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو اعلان، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلي به اڄ کان ڪراچي حيدرآباد ايم نائين موٽر وي تي ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪراچي حيدرآباد روڊ سميت سنڌ جي ٻين شهرن جا روڊ به بندڪنداسين، پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ سمورن رستن کي بند ڪيو ويندو خيرپور ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف جسقم جو احتجاج،ريلوي ٽريڪ بند، ٽرين بيهجي وئي،جسقم جا ڪارڪن ريلوي اسٽيشن ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ويهي رهيا، ٽريڪ بند، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمين ۽ وسيلن تي قبضن خلاف مزاحمت ڪئي ويندي سنڌ دشمن منصوبا ختم ٿيڻ تائين تحريڪ جاري رهندي سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، تڪراري ڪئنالن خلاف گڊو ويجهو ٽن ڏينهن کان چئني ئي صوبن جي دنگ ديرا موڙ وٽ وڪيلن پاران لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد هزارين ڦاٿل گاڏيون منزل ڏانهن روانيون ٿي ويون، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هاڻي ڌرڻو شڪارپور ۾ لڳايو ويندو ڄامشوري ۾ انڊس هاءِ وي تي سيوهڻ روڊ تي گذريل شام کان لڳل ڌرڻو جاري، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ سياسي سماجي تنظيمن طرفان لڳل ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل، روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳل، شاگردن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمين ۽ وسيلن تي قبضن خلاف مزاحمت ڪئي ويندي سنڌ دشمن منصوبا ختم ٿيڻ تائين تحريڪ جاري رهندي تڪراري ڪئنالن خلاف چونڊڪو سانگهڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند، تجل سانگهڙ روڊ، صالح پٽ چونڊڪو روڊ، خيرپور ڪنڌرا روڊ هيوي ٽريفڪ لاءِ بند، پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، چونڊڪي ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم، جسقم طرفان لڳايل احتجاجي ڪيمپ ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ تڪراري ڪئنالن خلاف گمبٽ ۾ جسقم جي سڏ تي ڪاروبار بند، قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ٻنهي پاسن کان روڊ مڪمل طور بند، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، گهارو ۾ جسقم جي سڏ تي شٽربند هڙتال، قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو، ڌرڻي سبب ٺٽي ۽ ڪراچي ويندڙ ٽريفڪ معطل، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، وڳڻ شهر ۾ به هڙتال، مک چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو، نصيرآباد، لاڙڪاڻو، وارهه، لالو رائنڪ ويندڙ ٽريفڪ معطل، ٿرڙي هاشم، پکو سميت ٻين علائقن ۾ به ڪاروبار بند، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پنجاب جون غير آباد زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهي سنڌ کي سـُڪائڻ جي سازش ٿي رهي آهي اها سازش ناڪام بڻائينداسين تڪراري ڪئنالن خلاف ٺل ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو، ساجن واهه وٽ ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ بند، گاڏين جون قطارون لڳي ويون تڪراري ڪئنالن خلاف جسقم جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال، ڪاروبار بند، ڪراچي جي سنڌي وسندين ملير، گلشن حديد، پپري، گهگهر ڦاٽڪ، اسٽيل ٽائون، رزاق آباد، قائدآباد، ڀينس ڪالوني، ابراهيم حيدري، گڏاپ، ميمڻ ڳوٺ، ڀٽائي آباد، پهلوان ڳوٺ، صفوران چورنگي، ڪورنگي اڍائي نمبر، بلاول ڪالوني، مرتضيٰ چورنگي،۾ ڪاروبار بند، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ٺٽو، ڌاٻيجي، گهوڙا ٻاري، ميرپور ساڪرو، گهارو، سجاول، نوابشاهه، قاضي احمد، سڪرنڊ، هالا، باڊهه، دڙو، دريا خان مري، ڄام صاحب، ڪنب، ڪنڌڪوٽ، ڪڙيو گهنور، خيرپور، ڪوٽ لالو، ميهڙ، ميرو خان، مٺياڻي، نصيرآباد، پڊعيدن، ٺري مير واهه ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪاروبار بند،سامارو، منهڙو، جهوڪ شريف، گهوڙا ٻاري، ڀٽ شاهه، باڊهه، امن آباد، ٻانڌي، چوهڙ جمالي، فقيرآباد، ميرپور بٺورو، پنڱريو، قبو سعيد خان، رتوديرو، ٺري مير واهه، ٽنڊو باگو، ٺارو شاهه، وڳڻ، تنگواڻي، سن، ڏوڪري، موهن جو دڙو، ڪرونڊي، ماتلي، ميرپور ماٿيلو، نوشهروفيروز، مورو، راڻيپور، گمبٽ، کهڙا، رتوديرو، ٽنڊو غلام حيدر، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، سميت ٻين شهرن ۾ به تڪراري ڪئنالن خلاف ڪاروبار بند، احتجاجي مظاهرن جو به سلسلو جاري

خبرون