ڪي فور منصوبو ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ڪيو وڃي:وڏو وزير
ڪي فور منصوبو ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ڪيو وڃي:سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اختيارين کي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي، ڪي فور منصوبي جي واڌ بابت اجلاس، صوبائي وزير، ميئر ڪراچي ۽ ٻيا آفيسر شريڪ، پهرين مرحلي ۾ 260 ايم جِي پاڻي ڪراچي شهر کي فراهم ڪيو ويندو:وڏي وزير کي بريفنگ، وڏي وزير هدايت ڪئي ته عزيز ڀٽي پارڪ کان حسن اسڪوائر تائين 2 ڏهائي 7 ڪلوميٽر جي پائيپ لائين وڇائي وڃي، فنڊن جو بندوست ڪيو پيو وڃي، اوهان ڪم جي تياري ڪريو، ڪي فور لاءِ 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جو ٽينڊر جاري ڪيو وڃي