تازه ترين
فلسطينين سان يڪجهتي جو عالمي ڏهاڙو،صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل تي زور

فلسطينين سان يڪجهتي جو عالمي ڏهاڙو، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل تي زور،فلسطيني عوام جي حق خود اراديت جي حاصلات لاءِ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ، صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي، پاڪستان جارحاڻي ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اسان آزادي لاءِ فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکنداسين،آرمي چيف چيو ته فلسطيني عوام کي پاڪستاني قوم جي مڪمل سفارتي ۽ سياسي حمايت حاصل آهي

خبرون