آءِ سي سي جي مها دنگل ۾ ڀارت پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو
آءِ سي سي جي مها دنگل ۾ ڀارت پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو، ڀارتي ٽيم پاڪستان طرفان مليل 242 رنسن جو هدف 43هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، ويرات ڪولهي وننگ شارٽ سان پنهنجي سينچري به پوري ڪري ورتي، شرياس ايئر 56، شبمن گل 46، روهت شرما 20، هاردڪ پانڊيا 8 ۽ اڪشر پٽيل 3 رنسون ٺاهيون، دبئي ۾ قومي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 49هين اوور ۾ 241 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، رڳو شڪيل سعود ففٽي ٺاهي سگهيو.