تازه ترين
مائيڪرو سافٽ پاران  ميجورانا 1 نالي چپ متعارف ڪرائي وئي

مائيڪرو سافٽ پاران ميجورانا 1 نالي چپ متعارف ڪرائي وئي ڪوانٽم چپ ڪمپيوٽنگ جي شعبي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي ،چپ جي تياري لاءِ ڪيترن ئي ورهين کان ڪم جاري هو هي دنيا جي پهرين ڪوانٽم چپ آهي جيڪا نئين ٽوپولوجيڪل ڪور آرڪيٽيڪچر سان ليس آهي ڪمپني جي عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته ميجورانا جي تياري جي لاءِ استعمال ٿيل مٽيريل ٺوس ، سيال يا گيس تي ٻڌل نه پر هي هڪ نئين قسم جو مادو آهي. مائيڪرو سافٽ جي مطابق اسان سالن تائين ڪم ڪري هڪ نئين قسم جي مادي کي تيار ڪيو ۽ دريافت ڪيو ته هي مٽيريل تمام گهڻو ٿڌو آهي ۽ هن مان اسان نئين قسم جا ذرا تيار ڪري سگهون ٿا،جن کي اسان ميجورانا پارٽيڪل جو نالو ڏنو آهي ڪمپني جي ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ شعبي جي نائب صدر زلفي عالم جي مطابق اسان نه رڳو ذرن کي پيش ڪيو آهي پر ان تي ٻڌل ڊيوائيسز جهڙي هڪ بلڪل نئين چپ به تيار ڪئي آهي هن چيوته نئين مٽيريل تي ٻڌل چپ انساني تري کان به ننڍي آهي ۽ ان کي ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو هي چپ لکين ڪروڙين ڪيوبٽس تي مشتمل هوندي جنهن سان ڪمپيوٽر جو پراسسز پاور وڌي ويو آهي زلفي عالم موجب هن چپ جي مدد سان اسان اهڙي ڊوائيس تيار ڪري سگهنداسين جنهن کي ڪنهن به قسم جي بيروني نيٽ ورڪنگ جي ضرورت نه هوندي پر خودمختيار يونٽ طور ڪم ڪندي ، حقيقت ۾ هن چپ تي ٻڌل ڊوائيس اهڙي هوندي جنهن سان پوري دنيا توهان جي هٿ ۾ سمائجي ويندي

خبرون