خانپور ڀرسان پوليس جي چڙهائي، گهر ڊاهي پٽ، 2 ٻارڙا مبينا طور دٻجي فوت
خانپور ڀرسان پوليس جي چڙهائي، گهر ڊاهي پٽ، 2 ٻارڙا مبينا طور دٻجي فوت، وارث سراپا احتجاج، پوليس خلاف ڪارروائي جو مطالبو، رستم پوليس پاران ڳوٺ عالم جتوئي ۽ سعيد خاناڻي تي چڙهائي ڪئي وئي، پوليس بنا ڪنهن سبب جي چڙهائي ڪري گهر ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيا، ڀت ڪرڻ سبب ٽن مهينن جو انيس ۽ 8 مهينن جي اميران بيگم دٻجي فوت ٿي ويا آهن: حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جي وارثن گهرو وزير ضيا لنجار ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو