تازه ترين
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا

وارهه ڀرسان لاڙڪاڻي روڊ تي ٽرڪ ٻن موٽرسائيڪلن سان ٽڪرائجي وئي، هڪ ڄڻو فوت، پنج زخمي، فوتي جي سڃاڻپ دلدار ٽوٽاڻي نالي سان ٿي، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، وارهه ويجهو ڳوٺ ڪنڊو وٽ مزدا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان فوت ٿي ويو، ٻانڌي ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، فوتي جي سڃاڻپ ڳوٺ لعل خان جسڪاڻي واسي عبدالغفور جسڪاڻي نالي سان ٿي ملير ۾ قومي شاهراهه تي لنڪ روڊ وٽ سوزوڪي ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي، فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي جناح اسپتال پهچايو ويو

خبرون