تازه ترين
اسرائيل فلسطيني قيدين جي آزادي ملتوي ڪري ڇڏي

اسرائيل فلسطيني قيدين جي آزادي ملتوي ڪري ڇڏي *اسرائيل اعلان ڪيو آهي ته جيستائين وڌيڪ يرغمالين جي آزادي محفوظ نٿي ٿئي، تيستائين فلسطيني قيدي آزاد نه ڪيا ويندا. اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته قيدين جي آزادي حماس جي مبينا ڀڃڪڙين سبب ملتوي ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته غزا جنگبندي معاهدي تحت حماس ڇنڇر تي 6 اسرائيلي يرغمالي آزاد ڪيا هئا، جڏهن ته اسرائيل کي اڄ 596 فلسطيني قيدي آزاد ڪرڻا هئا، پر هاڻي اهو عمل روڪيو ويو آهي. صورتحال تي فلسطين ۽ عالمي برادري پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

خبرون