تازه ترين
وزيراعظم شهباز شريف جي شرجيل ميمڻ جي رهائشگاهه آمد، ڏاڏو بڻجڻ تي واڌايون

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي سينيئر ميمبرز سميت سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي گهر پهتو ۽ کيس پوٽي جي ڄمڻ جون واڌايون ڏنيون. جاري ڪيل پريس رليز موجب، شرجيل انعام ميمڻ ۽ سندس پڳدار پٽ راول شرجيل ميمڻ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ قومي ۽ صوبائي معاملن سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مصدق ملڪ ۽ عطاءُ الله تارڙ، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه به گڏ هئا، جڏهن ته ان موقعي تي سيد خورشيد شاهه، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر اويس قادر شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

خبرون