پاڪستان اندر دھشتگرد ڪارروائي ۾ ملوث افغان شھري زوب ۾ مارجي ويو
پاڪستان اندر دھشتگرد ڪارروائي ۾ ملوث افغان شھري زوب ۾ مارجي ويو، مارجي ويل افغان شھري جي سڃاڻپ محمد خان احمد خيل جي نالي سان ٿي، آءِ ايس پي آر موجب 11جنوري تي مارجي ويل افغان شھري جو تعلق افعان صوبي پڪتيڪا سان آهي، افغان شھري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد 20 جنوري تي افغانستان جي حوالي ڪيو ويو، اھڙا واقعا پاڪستان ۾ دھشتگرد سرگرمين ۾ افغان شھرين جي ملوث ھجڻ جو ترديد جوڳو ثبوت آھي، اميد آھي ته عبوري حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي