پي ٽي آءِ انتهاپسندي ۽ تشدد پسندي کي هٿي وٺرائي رهي آهي: صوبائي وزير ناصر شاهه
پي ٽي آءِ انتهاپسندي ۽ تشدد پسندي کي هٿي وٺرائي رهي آهي: صوبائي وزير ناصر شاهه سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته خيبر پختون خواهه صوبي ۾ سٺا ماڻهو رهن ٿا پر ڪجهه بگهڙ نما ماڻهو به رهن ٿا. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ انتهاپسندي ۽ تشدد پسندي کي هٿي وٺرائي رهي آهي، پارا چنار جي مظلومن سان سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي گڏ آهي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پارا چنار جي عوام لاءِ امداد پڻ موڪلي وئي آهي، ڌرڻن سبب ڪراچي جي شهرين کي تڪليف پهچڻ تي معذرت ڪريان ٿو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي، پر احتجاج پـُرامن ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ آهي ته سائفر لهرائي هڪ بيانيو گهڙيو ويو، هاڻي پي ٽي آءِ جلسن ۾ آمريڪا جا جهنڊا نظر ايندا آهن.