تازه ترين
سينيٽ جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جو سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف احتجاج

سينيٽ جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جو سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف احتجاج، منصوبو رد ڪرڻ جو مطالبو، پ پ سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ آهي ته ڪئنالن بابت سنڌ حڪومت سان مشورو به ناهي ڪيو ويو،سنڌ ٻري رهي آهي، ڪو وزير اُتي نه ٿو اچي، پاڻي جي معاملي تي احتجاج ٿي رهيا آهن ڪو ٻـُڌڻ وارو ناهي، ڪئنالن واري منصوبي تي سنڌ کي سخت اعتراض آهن، سنڌ کي ڇو ٻـُڌو نه پيو وڃي، سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي، ڪراچي ۾ پاڻي ئي نه اچي رهيو آهي، 25 سالن کان ارسا پاڻي جي کوٽ ظاهر ڪري رهي آهي، چولستان جو ريگستان آباد ڪرڻ لاءِ صوبن سان ناانصافيون نه ڪريو، ڇا سنڌ کي اهو حق حاصل ناهي ته هـُو پنهنجي حصي جو پاڻي گهـُري، 11 مهينا گذرڻ باوجود سي سي آءِ جو اجلاس ناهي گهـُرايو ويو، سنڌ جي وڏي وزير خط به لکي چڪو آهي پر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه پيو گهـُرايو وڃي، جيڪڏهن ڪو معاهدو ٿي ويو آهي ته چـِٽي ڳالهه ٻڌايو ، سنڌ ۾ جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي پاڻي آهي ئي نه

خبرون