تازه ترين
 سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو ؟ سنڌ جو سي سي آءِ کي خط

سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو ؟ سنڌ جو سي سي آءِ کي خط، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي بين الصوبائي رابطن واري کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري سي سي آءِ کي خط لکي چولستان ڪئنال سميت سنڌو درياهه مان ٻيا ڪئنال ڪڍڻ وارن منصوبن تي اعتراض واري ڇڏيو، سنڌ حڪومت پاران خط ۾ منصوبن تي سخت خدشن جو اظهار، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ گڏجاڻي جي ايجنڊا ۾ تڪراري ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو شامل ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو، خط ۾ چيو ويو ته 4 هزار ڪيوسڪ وارو چولستان ڪئنال 6 لک ايڪڙ ايراضي آباد ڪندو، ٻڌايو وڃي ته پاڻي ڪٿان کان بچائي ڇڏيو ويندو؟ سنڌ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي، ڪئنالن تي اعتراض آهن، ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو، اهو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي، خريف ۾ پهريان ئي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي

خبرون