وزيراعظم شهباز شريف پاران مستونگ ۾ ڌماڪي جي مذمت
وزيراعظم شهباز شريف پاران مستونگ ۾ ڌماڪي جي مذمت، انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار، ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيارڻ جي هدايت ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته مستونگ ۾ اسڪول تي ڌماڪو تعليم دشمني جو ثبوت آهي، دهشتگرد اهڙن حملن سان قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، ملڪ ۽ قوم خاطر قربانيون ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن تي پوري قوم کي فخر آهي.