بلاول ڀٽو زرداري جو سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي تي اسٽيڪ ھولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي تي اسٽيڪ ھولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جا اعتراض نه ٻـُڌا ويا ته سنڌو درياهه تي وڌيڪ ڪئنالن وارو وفاقي حڪومت جو منصوبو ڪالاباغ ڊيم وانگر تڪراري بڻجي ويندو، تڪراري منصوبن کي شروع ڪرڻ بدران سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ڀائيوارن سان ڳالهيون ڪري اتفاق راءِ قائم ڪئي وڃي، زبردستي راءِ مڙهڻ سان سياست، زراعت ۽ معيشت متاٿر ٿيندي، وفاقي حڪومت پنهنجي فيصلي تي غور ڪري، اسان وفاقي حڪومت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پيپلز پارٽي گرين سنڌ جو منصوبو وفاقي حڪومت سان شيئر ڪنداسين،وفاقي حڪومت به پنهنجا نقطا اسان سان شيئر ڪري