اسلام آباد، ڪي پي ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جزوي طور بند رکڻ جو فيصلو
تحريڪ انصاف جي 24 نومبر تي احتجاج کي نظر ۾ رکندي حڪومت طرفان 23 نومبر کان انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جزوي طور بند رکڻ جو فيصلو، ذريعن موجب اسلام آباد، ڪي پي ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بند رکي ويندي، پي ٽي ايَ طرفان سڀاڻي کان موبائل انٽرنيٽ سروس تي فائر وال فعال ڪيو ويندو، فائر وال سان انٽرنيٽ سروس جي اسيپڊ گهٽ ۽ سوشل ميڊيا تان وڊيوز ۽ آڊيوز ڊائون لوڊ نه ٿي سگهندا