تازه ترين
ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم ٽريفڪ پوليس اهلڪار ڪري رهيا آهن:شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم ٽريفڪ پوليس اهلڪار ڪري رهيا آهن، ٽريفڪ اهلڪارن سان بداخلاقي ڪئي وڃي ٿي، معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل رحم ٽريفڪ پوليس وارا آهن، ٻار چنگچي رڪشا هلائي رهيا آهن اهڙي عمل خلاف عدالت وڃڻ گهرجي، جيڪڏهن ٻار چنگچي رڪشا ۽ گاڏي هلائين ٿا ته والدين انهن کي روڪين،جيڪڏهن ڪو ٻار حادثو ڪري ٿو ته اهو قتل ۾ شمار ٿيندو، چنگچي رڪشائن تي حڪومت جي پابندي آهي، عدالت اسٽي آرڊر ڏنو آهي:سنڌ اسيمبلي ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جا سوالن جا جواب، سندس چوڻ آهي ته سٺا ۽ خراب ماڻهو هر جڳهه تي هوندا آهن کاتي تي الزام نه لڳائڻ گهرجي،اسان سڀني کي مسئلا حل ڪرڻا پوندا، ذميواري حڪومت جي آهي پر فرض اسان سڀني جو آهي، گهٽ عمر ۾ گاڏيون هلائڻ تي پهرين جنوري کان 30 آڪٽوبر تائين 304 چالان ٿيا

خبرون