تازه ترين
شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ڪراچي شهر ۾ غيرقانوني داخل ٿيندڙ گاڏين خلاف آپريشن جاري

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ڪراچي شهر ۾ غيرقانوني داخل ٿيندڙ گاڏين خلاف آپريشن جاري،ٽرانسپورٽ کاتي طرفان 80 گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون، 58 روٽ پرمٽس معطل ڪيا ويا، قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 18 ٽرانسپورٽرز کي وارننگ جاري، 13 سئو 92 گاڏين تي 44 لک 28 هزار ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته حڪومتي قدمن جو مقصد ٽرانسپورٽ سرگرمين کي قانوني معيارن مطابق آڻڻ آهي غيرقانوني بس اڏن خلاف آپريشن سان ڪراچي جي روڊن تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي سنڌ حڪومت بنا فرق جي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ پـُرعزم آهي

خبرون