تازه ترين
اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي لنڊن ۾ ٿيل حملي ۾ ملوث 23 پاڪستانين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل

اڳوڻي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ قاضي فائز عيسيٰ تي لنڊن ۾ ٿيل حملي ۾ ملوث 23 پاڪستانين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. پاسپورٽ اختيارين موجب، فهرست ۾ پي ٽي آءِ حمايتي شايان علي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ملائڪا بخاري جو نالو به شامل آهي. اُن کانسواءِ سعيديه فهيم، فهيم گلزار، ماهين فيصل، سدرا طارق، حبا طارق، وقاص چوهاڻ، محسن حيدر، ضمير اڪرم ۽ سردار تيمور سميت 23 ڄڻن جا نالا پي سي ايل ۾ وڌا ويا آهن. ذريعن موجب، پي سي ايل ۾ انهن سمورن جوابدارن جا نالا شامل آهن جيڪي ڪيس ۾ نامزد آهن، واقعي ۾ ملوث وڌيڪ 153 ماڻهن جا نالا به پي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڄاڻايل 23 ڄڻن جا پاسپورٽ معطل ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن جوابدارن جي حوالگي لاءِ برطانوي اختيارين کي خط پڻ لکيو ويو آهي، پاڪستان ڊي پورٽ ڪرڻ جي صورت ۾ ڄاڻايل جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

خبرون