تازه ترين
پاڪستان 22 سالن کانپوءِ آسٽريليا کي اُن جـَي هوم گرائونڊ تي ون ڊي سيريز ۾ هارائي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

پاڪستان 22 سالن کانپوءِ آسٽريليا کي اُن جـَي هوم گرائونڊ تي ون ڊي سيريز ۾ هارائي تاريخ رقم ڪري ڇڏي، پرٿ ۾ کيڏيل پاڪستاني ٽيم ٽين ۽ فيصلائتي مئچ ۾ آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن مئچز واري سيريز کٽي ورتي، قومي ٽيم 141 رنسن جو ٽارگيٽ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 27هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، اوپنر صائم ايوب 42 ۽ عبدالله شفيق 37 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا،ڪپتان محمد رضوان 30 ۽ بابر اعظم 28 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا، آسٽريلوي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 32 هين اوور ۾ 140 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي، سين ايبٽ 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، پاڪستان جي بالرز جي شاندار پرفارمنس، شاهين شاهه آفريدي ۽ نسيم شاهه 3 - 3 وڪيٽون ورتيون، حارث رئوف 2 ۽ محمد حسنين هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، بهترين بالنگ تي حارث رئوف کي مئچ ۽ پليئر آف دي سيريز جو ايوارڊ ڏنو ويو

خبرون