عالمي برادري صرف تماشائي بڻيل آهي، ايٽمي جنگ لڳي ته تماشائي به لپيٽ ۾ اچي ويندا:خواجه آصف
عالمي برادري صرف تماشائي بڻيل آهي، ايٽمي جنگ لڳي ته تماشائي به لپيٽ ۾ اچي ويندا، اسان جو دهشتگردي سان ڪو به تعلق ناهي، بچاءُ واري وزير خواجه آصف جون نجي تي وي سان ڳالهيون ، چيائين، جيڪڏهن اسان ردعمل نه ڏيون ها ته ٻن ٽن مهينن کانپوءِ ڀارت ٻيهر چڙهائي ڪري ها،نور خان ايئر بيس تي گاڏي کانسواءِ ڪٿي به نقصان نه پهتو آهي